جسپتراءِ مل

جسپتراءِ مل: جسپتراءِ مل،د يوان گدو مل جو ڀاءُ هو. هن جا وڏا اصل سيتپور جا رهاڪو هئا. سندن پيءُ اڏيو مل، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي وٽ ملازم هو. حيدرآباد ۾ گدواڻي آڪهه، گدو مل جي پٺيان سڏبي هئي ۽ هن وقت به حيدرآباد ۾ ٽنڊو گدو مل، گدواڻي گهٽي ۽ گدو بندر، گدو مل جا يادگار آهن. هن خاندان جي ڪلهوڙن وٽ وڏي عزت هئي، پر جيئن ئي هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿي ته ديوان گدو مل ۽ قيصر نظاماڻيءَ تيمور شاهه وٽ وڃي خان ٽالپر '>مير فتح علي خان ٽالپر جون گلائون ڪيون ۽ جڏهن اها خبر مير صاحب کي پئي ته قيصر نظاماڻي ته انهيءَ ڊپ ۾ مري ويو، باقي گدو مل کي تلوار سان قتل ڪيو ويو. انهيءَ جي ابتڙ جسپتراءِ مل جي ٽالپر درٻار ۾ وڏي عزت هئي ۽ مختلف ملڪن ۾ ٽالپرن جي سفير طور موڪليو ويندو هو .


لفظ جسپتراءِ ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو